جعلي نمبر پليٽ ۽ ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون

جعلي نمبر پليٽ ۽ ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جعلي نمبر پليٽس ۽ ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي. موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو.جنهن ۾ جعلي نمبر پليٽس، ڪاري شيشي واري گاڏين ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان ميڊيا ۾ آگاهي مهم هلائي.اجلاس ۾ امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ پاڙيسري سطح تي ڪميونٽي واچ گروپ ٺاهڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته جعلي نمبر پليٽس ۽ ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرگرم ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو