جعلي برگيڊيئر ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

جعلي برگيڊيئر ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڻ کي انٽيلجنس اداري جو برگيديئر سڏائيندڙ محمد نواز وسطڙو جو پوليس ٻن ڏينهن جو رماند وٺي ڇڏيو آهي. سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي کائنس پڇا ڳاڇا جاري آهي. هنکي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشنز جي ايم ڊي محمد علي عامر جي شڪايت تي جمعي تي گرفتار ڪيو ويو هو. ايم ڊي جو چوڻ آهي ته هنکي نواز وسطڙو پنهنجو نالو نه ٻڌايو موبائيل تان فون ڪري چيو ته اوهانجي سيڪورٽي ڪليئرنس جو ڪيس هن وٽ آهي ان سلسلي ۾ هو سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري. ايم ڊي موجب هو سندس آفيس ويو ته وسطڙو کيس ڪجهه ملازمن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ چيو. ايم ڊي جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ وسطڙو جي باڊي لينگوئيج مان هو کيس آرمي آفيسر نه لڳو جنهن تي هن سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي بليڪ ميل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي ۽ پوليس ڪاروائي ڪندي گاڏي ۽ ڊرائيور سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هو کائنس پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن. پوليس موجب محمد نواز وسطڙو پاڻ کي اي ون ٽي وي جو چيف ايگزيڪيٽو به قرار ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو