زرداري ۽ فريال جي حفاظتي ضمانت منظور، جعلي اڪائونٽ ڪيس جي منتقلي تي نيب کان جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڏهه ڏينهن لاءِ عبوري ۽ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس جناب احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزن بينچ ٻنهي کي ڏهه ڏهه لک روپين جا مچلڪا داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي  آهي.عدالت کين هدايت ڪئي ته هو ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿين.  ان سان گڏوگڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ساڳئي بينچ جعلي اڪائونٽ ڪيس راولپنڊي منتقل ڪرڻ بابت آصف علي زرداري جي درخواست تي نيب کان 26 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن ۾ آصف علي  زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت کي استدعا ڪئي ته نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي ڇو ته 20 مارچ تي نيب پاران آصف علي  زرداري ۽ بلاول کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي ۽ سندن گرفتاري جو خدشو آهي. آصف علي زرداري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو ملڪ جو اڳوڻو صدر ۽ پ پ پارليامينٽيرينز جو صدر آهي، کيس سدائين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾يارنهن سال جيل ڪاٽي چڪو آهي، جن الزامن تحت جيل ڀوڳيو، اهي سمورا ڪوڙا ثابت ٿيا. آصف علي زرداري عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته نيب کي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي . آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٻن ججن تي مشتمل بينچ ڪندي. ٻئي پاسي جعلي اڪائونٽ ڪيس راولپنڊي منتقل ڪرڻ خلاف آصف علي زرداري جي درخواست جي سماعت ٿي جنهن تي عدالت ڊي جي نيب ۽ پراسيڪيوٽر نيب کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي سماعت 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هن ڪيس ۾ دليل ڏيندي فاروق نائڪ چيو ته سپريم ڪورٽ مبينه جعلي اڪائونٽ ڪيس راولپنڊي منتقل ڪرڻ جو نه چيو آهي، هن سپريم ڪورٽ جي متعلقه حڪم جو پيراگراف عدالت کي پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته نيب وارن ڪيس جي منتقلي لاءِ بينڪنگ ڪورٽ کان آرڊر ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو