اسلام آباد( بيورو رپورٽ) احتساب عدالت جعلي بنيڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 26 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ آصف زرداري کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته اسان ڪراچي منتقلي جي درخواست ڏني ئي ناهي ۽ ان ڏس ۾ ميڊيا غلط خبر پئي هلائي. هن چيو آهي ته ذاتي معالجن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي هئي ان بابت عدالت فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي. احتساب عدالت جعلي اڪائونٽ ڪيس جي سماعت ڪندڙ جج به تبديل ڪيو آهي ۽ جسٽس بشير بدران احتساب عدالت اسلام آباد جي جج اعظم خان جعلي بينڪ اڪائونٽس متعلق ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ان موقعي تي فريال ٽالپور کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته آصف زرداري کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ڇو ته سندس طبيعت خراب هئي. عدالت ۾ ايڊووڪيٽ لطيف کوسه آصف زرداري کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست تي دليل ڏنا جنهن ۾ ان جو چوڻ هو ته آصف زرداري جي سڄي ميڊيڪل هسٽري ڪراچي ۾ آهي ۽ بهتر علاج به اُتي ممڪن آهي. نيب پراسڪيوٽر درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته آصف زرداري کي پمز اسپتال منتقل ڪري ان کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي جتي ان کي سڀ طبي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون پيون وڃن. لطيف کوسا چيو ته هڪ مريض کي هي ٻاهر موڪلڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن ۽ آصف زرداري کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت نه ٿا ڏين آصف زرداري پهرين به حڪومت کان خيرات گهري آهي نه ئي هاڻي گهرندو. سرڪاري وڪيل چيو ته حڪومت کي درخواست ڏيڻ پنڻ برابر ناهي هوندو. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 26 نومبر تائين واڌ ڪندي ڪراچي منتقلي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو شام جو دير سان جاري ڪيوويو ۽ درخواست رد ڪئي وئي.










