اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪريو،ترقي پسند پارٽي ٿرپارڪر پاران احتجاجي مظاهرو،ايم ڪيو ايم خلاف سخت نعريبازي ڪئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شهيد الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي ضلعي ٿرپارڪر جي صدر گهنشام مالهي ۽ مشتاق قاسماڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي شهر جي مختلف روڊن جو گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن توڙي ايم ڪيو ايم خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي ڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل کي اڄ مهيني کان مٿي ٽائيم گذري چڪو آهي پر سرڪار ايم ڪيو ايم جي دلال قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي قاتلن کي مڪمل تحفظ ڏيئي پوليس شهيد جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي شهيد جي قتل ۾ دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم جا دلال شامل آهن اسان چتاء ٿا ڏيون ته شهيد جي چاليهي تائين جيڪڏهن قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسان پوري سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.










