جسٽس مندوخيل اختلافي نوٽ ۾ افسوسناڪ ڳالهه لکي آهي

جسٽس مندوخيل اختلافي نوٽ ۾ افسوسناڪ ڳالهه لکي آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جسٽس مندو خيل ٻڌڻي کان معذرت ڪئي ۽ اختلافي نوٽ ۾ افسوسناڪ ڳالهه لکي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اختلافي نوٽ ۾ لکيل آهي ته فيصلو راءِ وٺڻ کانسواءِ لکيو ويو، افسوس آهي.گهرو وزير چيو ته اها صورتحال انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ ڪنهن قومي سانحي کان گهٽ ناهي، بينچ 9 مان 3 تي اچي وئي آهي.راڻا ثناءُ الله چيو ته هڪ معزز جج پهريان بينچ کان ڌار ٿيو ۽ پوءِ بينچ جو حصو آهي، انصاف ٿيندو نه ڏٺو وڃي.گهرو وزير چيو ته فل بينچ ڪيس جو فيصلو نه ڪندي ته انصاف نظر نه ايندو، انتشار جو حصو نه بڻجو، فل بينچ ٺاهيو وڃي.هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بئنچ جي فيصلي کي چئلينج ناهي ڪيو، هو ميدان ۾ لهندا.ن ليگ اڳواڻ چيو ته هڪ فتني ملڪ کي هن موڙ تي پهچايو آهي، سياسي، انتظامي بحران آهي ۽ هاڻي عدليه کي به پهچايو آهي.راڻا ثناءُ الله چيو ته هي فتنو ملڪ ۾ افراتفري چاهي ٿو، اهي اسيمبليون آئيني طور ٽوڙي نه ويون، ٻنهي صوبن جي وڏي وزير اسيمبلي ٽوڙي نه ڇڏي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اها بدمعاشي، وڏائي، ضد يا هن فتني جو ايجنڊا هو جنهن اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، ان فتني کي پاڪستان جي سياست مان هٽائڻ تمام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو