جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس مقرر

جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جسٽس مسرت هلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو.صدر عارف علوي جسٽس مسرت هلالي جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.قانون واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جسٽس مسرت هلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي.جسٽس مسرت هلالي پهرين اپريل 2023ع کان چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندي ۽ مستقل چيف جسٽس جي مقرري تائين عهدو سنڀاليندي.جسٽس مسرت هلالي پشاور هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري جوڊيشل ڪميشن ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو