جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ قائم

جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ قائم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. 2 وڳي شروع ٿيل اجلاس 4 وڳي ختم ٿيو. جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن جو هي پهريون اجلاس هو جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن ۾ آئيني بئنچ جو فيصلو اڪثريت راءِ سان ٿيو، يعني اعلانيل بينچ جي حق ۾ 7 ووٽ آيا مخالفت ۾ 5 ووٽ آيا. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور، جسٽس منيب اختر، عمر ايوب ۽ شبلي فراز امين الدين خان جي سربراهي ۾ بينچ جوڙڻ جي مخالفت ڪئي. جنهن جي حق ۾ باقي ميمبرن ووٽ ڏنو.جڏهن ته قانون واري وزير اعظم تارڙ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اسيمبلي ميمبر آفتاب خان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان نامزد ڪيل غير چونڊيل عورت روشن خورشيد بروچا ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي اختر حسين، جسٽس امين الدين جي حمايت ڪئي. جڊيشل ڪميشن آئيني بينچ ۾ ججن جي مقرري جي به منظوري ڏني آهي. جن ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن. هي بينچ 60 ڏينهن تائين موثر هوندي. آئيني بينچ جي تشڪيل بعد 26 هين آئيني ترميم مطابق جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال مندوخيل خود بخود جڊيشل ڪميشن جا ميمبر بڻجي ويا آهن.

جڊيشل ڪميشن جي پڌرائي

جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي اڄوڪي اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.جڊيشل ڪميشن جي اجلاس جو اعلان جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري جزيلا اسلم جاري ڪيو.26هين آئيني ترميم کانپوءِ نئين جڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ڪئي. اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، فاروق ايڇ نائيڪ، شبلي فراز، شيخ آفتاب، عمر ايوب ۽ روشن خورشيد شرڪت ڪئي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن جو استقبال ڪيو ۽ کين نامزدگي تي مبارڪباد ڏني.عمر ايوب هڪ ميمبر جي غير موجودگي ۾ ڪميشن جي ڪورم تي اعتراض ڪيو، پر عمر ايوب جي اعتراض تي ووٽنگ ڪندي اڪثريت فيصلو ڪيو ته اجلاس آئين موجب هو ۽ هڪ ميمبر جي غير موجودگي ۾ به اجلاس هلي سگهي ٿو.پڌرائي موجب ڪميشن پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ مخصوص سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو ۽ غور ويچار کانپوءِ چيف جسٽس کي قانون ٺاهڻ ۽ مخصوص سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن آئيني معاملن/ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ آئيني بئنچ جي قيام تي به غور ڪيو.اعلان موجب آئيني بئنچ جو سربراهه جسٽس امين الدين خان هوندو، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان آئيني بينچ ۾ شامل هوندا.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ووٽنگ کانپوءِ آئيني بئنچ اڪثريت (12 مان 7) جي منظوري ڏئي ڇڏي، آئيني بينچ ۾ چئني صوبن جي نمائندگي شامل آهي، ان جو مدو 2 مهينا مقرر ڪيو ويو آهي، جڊيشل ڪميشن جو شروعاتي اجلاس، ايجنڊا جا ڪم ڪميشن اهو اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار وارو قدم آهي ۽ جڊيشل ڪميشن نئين فريم ورڪ جي مطابق عمل ۾ اچي رهيو آهي.اجلاس جي آخر ۾ چيئرمين ڪميشن چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو