جر جو پاڻي کارو، ڳوٺاڻا مٺي پاڻي کان محروم

جر جو پاڻي کارو، ڳوٺاڻا مٺي پاڻي کان محروم

پيرونمل (خير محمد مگسي) يونين ڪائونسل  ٻوٻي  جي ڳوٺ گلاب خان مري ۾ جر جو پاڻي کارو ٿيڻ سب سوين  ڳوٺاڻا مٺي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت  کان محروم  بڻيل  آهن. ان موقعي تي ڳوٺاڻن مٺي  پاڻيَ جي سھولت  نه ھجڻ  جون دانهون ڪندي صحافين آڏو ڳوٺ ۾ بيٺل پاڻي جي کڏ اندر بيٺل گندي ۽ بدبو دار پاڻي آڏو بيھي  دلا، مٽ، پاڻيَ جا ڪولر ديڳڙا کڻي احتجاج  ڪندي چيو آهي ته سموري ڳوٺ ۾ زمين جي جر جو پاڻيَ زھر آهي جنهن ڪري اسان جي ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو ننڍا توڙي وڏا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا  آهن. ڳوٺاڻن، چيتن ڀيل، ڏونگريو ڀيل، خادم منڱريو ۽ ٻين  دانھيندي  چيو ته چونڊيل  نمائندا ھر ڀيري  ڪوڙن  دلاسن ۾ اسان کان ووٽ وٺي وڃن ٿا پر پوءِ اسان کي منهن به نٿا ڏيکارين. ھنن ڊي سي سانگھڙ، چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته  اسان جي ڳوٺ ۾ مٺي پاڻي لاءِ واٽر سپلائي  جي اسڪيم  منظور ڪري اسان کي صاف پيئڻ جي پاڻي لاءِ واٽر ٽينڪ منظور ڪري سوين انساني جانين توڙي چوپائي مال جي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي فراھم  ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج  جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو