جديد ٽيڪنالاجي ذريعي 802 شهرين کي ڌاڙيلن کان اغوا ٿيڻ کان بچايو

جديد ٽيڪنالاجي ذريعي 802 شهرين کي ڌاڙيلن کان اغوا ٿيڻ کان بچايو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس 800 کان وڌيڪ شهرين کي ڪچي جي ڌاڙيلن کان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ انڪشاف ڪيو ته هلندڙ سال جي دوران سنڌ پوليس ڳجهن ادارن جي مدد سان سڄي ملڪ مان 802 شهرين کي ڪچي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچايو.آءِ جي سنڌ موجب 330 شهري اغوا ڪيا ويا جن مان 307 کي بازياب ڪرايو ويو آهي جڏهن ته 23 شهرين جي اغوا جا ڪيسز اڃان تائين حل نه ٿي سگهيا آهن جنهن جون ڪوششون جاري آهن.غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته اسان شهرين کي ڌاڙيلن جي واردات واري طريقي کان خبردار ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جي ڪميونيڪيشن مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نوجوانن کي ڌاڙيل عورتن جون آوازون ڪڍي دوستي جو آسرو ڏيندا آهن يا گاڏيون ۽ ٻيو سستو سامان وڪرو ڪرڻ جي لاءِ فون تي ڦاسائيندا آهن.آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته پوليس اهڙن فون نمبرز تي رابطو ڪري شهرين کي سنڌ يا ڪچي جي علائقي ۾ اچڻ کان خبردار ڪندي آهي ۽ انهن کي آگاهي ڏني ويندي آهي ته اهي جوابدارن جي دلاسن ۾ اچڻ کان پاسو ڪن. اهڙي طريقي سان لڳ ڀڳ 802 شهرين کي هينئر تائين ڪچي ۾ وڃڻ کان روڪي محفوظ ڪيو ويو جڏهن ته ٻين طريقن سان ڌاڙيل 330 شهرين کي گهيرو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا پر انهن مان به 307 کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو