جج ملزمن جو ووٽرآهي،پوءِ به انصاف جي اميد آهي،ام رباب

سکر(امداد ڪلوڙ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج آنند رام جي عدالت ميهڙ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين والد مختيار، ڏاڏو ڪرم الله ۽ چاچو قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو احتجاجن پيرين اگهاڙي عدالت ۾ پيش ٿي. قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي ڀائر سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار به وڪيلن سميت  پيش ٿيا. جوابدارن جي وڪيل موجب ام رباب چانڊيو جي وڪيل جي غير حاضري سبب عدالت قتل ڪيس جي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪئي آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ام رباب چانڊيو چيو ته کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آهي پر اها ڳالهه رڪارڊ تي رکي وڃي ته ٻڌڻي ڪندڙ جج آنند رام جو تعلق سندس گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي تڪ سان  آهي ۽ جج جو خاندان سندس ووٽر آهن. سندس چوڻ هو ته هو لا جي شاگردياڻي آهي قانون ۽ اخلاقيات جي ڄاڻ رکي ٿي. ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته هو تياري ڪري عدالت ۾ پيش ٿي پر جج شايد نئون هجڻ ڪري ڪيس ناهي ٻڌو پر هوءَ جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچائڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاء زندگي جي آخري گهڙي تائين وڙهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو