سکر(امداد ڪلوڙ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج آنند رام جي عدالت ميهڙ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين والد مختيار، ڏاڏو ڪرم الله ۽ چاچو قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو احتجاجن پيرين اگهاڙي عدالت ۾ پيش ٿي. قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي ڀائر سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار به وڪيلن سميت پيش ٿيا. جوابدارن جي وڪيل موجب ام رباب چانڊيو جي وڪيل جي غير حاضري سبب عدالت قتل ڪيس جي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪئي آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ام رباب چانڊيو چيو ته کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آهي پر اها ڳالهه رڪارڊ تي رکي وڃي ته ٻڌڻي ڪندڙ جج آنند رام جو تعلق سندس گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي تڪ سان آهي ۽ جج جو خاندان سندس ووٽر آهن. سندس چوڻ هو ته هو لا جي شاگردياڻي آهي قانون ۽ اخلاقيات جي ڄاڻ رکي ٿي. ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته هو تياري ڪري عدالت ۾ پيش ٿي پر جج شايد نئون هجڻ ڪري ڪيس ناهي ٻڌو پر هوءَ جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچائڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاء زندگي جي آخري گهڙي تائين وڙهندي.
سنڌيار ڪراچي 27 جولاءِ 2024ع
سنڌيار سکر 27 جولاءِ 2024ع
ياد مخلص ماڻھوءَ جي
ڌرڻي جي رستا روڪ، سوين ڪارڪن گرفتار، ٽن هنڌن تي ڌرڻو جاري
ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل
صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪي پي ۾ ڪو به آپريشن نه ٿيندو، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين
حڪومت طرفان جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ
عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر
چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان
پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري
عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي
ڌرڻي کان روڪيو ويو ته امن خراب ٿيندو: حافظ نعيم
اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ڌرڻن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي
اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا
سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل
بنگلاديش سيريز، سينئر رانديگرن کي ڊارپ ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ کي سومر تي احتجاج جي اجازت، عدالت جو حڪم