برازيليا(ويب ڊيسڪ) مائڪرو بلاگنگ سائيٽ ايڪس (اڳوڻي Twitter) اعلان ڪيو آهي ته اها برازيل ۾ آپريشن بند ڪندي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايڪس آفيسرن جو چوڻ آهي ته برازيل جي جج اليگزينڊرا مورس پاران سينسرشپ جا حڪم ملڻ کانپوءِ برازيل ۾ آپريشن فوري طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.رپورٽ موجب ايڪس آفيسرن چيو ته جج اليگزينڊررا مورس ڳجهي طور تي برازيل ۾ ايڪس جي قانوني نمائندي کي ڌمڪيون ڏنيون، ايڪس کي گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جيڪڏهن جج ايڪس جي ڪجهه مواد کي هٽائڻ جي حڪم جي تعميل نه ڪئي.ايڪس آفيسرن جج اليگزينڊرا مورس پاران مبينا طور تي دستخط ڪيل ڪجهه دستاويز پڻ شايع ڪيا آهن، جن ۾ عدم تعميل لاءِ 3,600 ڊالر روزاني (تقريبن 1 ملين پاڪستاني رپيا) ۽ برازيل ۾ ايڪس جي نمائندي جي گرفتاري وارنٽ شامل آهن.ايڪس آفيسرن موجب، انهن پنهنجي عملي جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي برازيل ۾ آپريشن بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










