ججن ۽ سروسز چيفس جي معاملي تي پي ٽي آءِ جو مولانا سان رابطو

ججن ۽ سروسز چيفس جي معاملي تي پي ٽي آءِ جو مولانا سان رابطو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ مان ججز جو انگ وڌائڻ ۽ سروسز چيف جو مدو وڌائڻ جي معاملي تي پي ٽي آءِ جي يو آءِ(ف) سان رابطو ڪري اهم ملاقات طئي ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جو اعليٰ سطحي وفد اڄ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو، پي ٽي آءِ وفد اڄ ٻنپهرن جو مولانا فضل الرحمان سان ان جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو.ملاقات ۾ پارليامينٽ مان منظور ٿيندڙ ترميم بابت مشاورت ٿيندي جڏهن ته اپوزيشن پارٽيون آئنده جي صورتحال تي لائحه عمل طئي ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو