ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني سپريم ڪورٽ پاران فيصل واوڊا جي نااهلي واري فيصلي تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ججن کي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻ گهرجن، خواهشن تي نه.سعيد غني چيو ته قانون موجب فيصل واوڊا جي نااهلي سبب خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي نثار کهڙو چونڊيو ويو، عجيب ڳالهه آهي ته جنهن شخص تي الزام هو ان کي سپريم ڪورٽ بحال ڪري رهي آهي.هن چيو ته نثار کهڙو قانوني طور چونڊجي ويو، کيس ڪهڙي سزا ڏني پئي وڃي؟ سعيد غني چيو ته جنهن ڏوهه ڪيو ان کي بحال ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪو چونڊيو ويو ان کي ڊي سيٽ ڪيو پيو وڃي، عدالت جو فيصلو بنيادي حقن جي خلاف آهي.










