ججن جي مقرري جو اختيار پارليامينٽ کي هجڻ گهرجي، اي پي سي

ججن جي مقرري جو اختيار پارليامينٽ کي هجڻ گهرجي، اي پي سي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان بار ڪائونسل جي ميزبانيءَ هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي شرڪت، محمود خان اچڪزئي، مولانا غفور حيدري ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ به اي پي سي ۾ موجود، پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين عابد ساقي چيو آهي ته اي پي سي جي موضوعن ۾ ججز جي مقرري جو طريقيڪار، احتساب ۽ شهرين جي آزادي وارا مامرا شامل آهن.

Photo Twitter

ججز جي مقرريءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ هئڻ گهرجي، پارليامينٽ ۾ موجود ڌُريون قانون سان واڳيل ماڻهن کي متحرڪ ڪري ججز جي مقرريءَ جو طريقيڪار طئه ڪن، ججز مقرريءَ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 175 ۾ ترميم ڪئي وڃي، احتساب جا ادارا هاڻي سياسي انجنيئرنگ جو اوزار بڻجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو