اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومتي ايم اين اي بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۽ آرڊيننس 2024 اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. نجي ٽي ڳي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 26هين آئيني ترميم تحت آئيني بينچن جي قيام ۽ آرٽيڪل 184-3 جي اختيار جو معاملو به ڏسڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ججن جو انگ وڌائڻ جو بل پرائيويٽ ميمبر عبدالقادر پيش ڪيو هو، ججن جو انگ وڌائڻ جو بل سومر تي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. عقيل ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ ٻن ٽئين اڪثريت جي ضرورت ناهي، ان معاملي تي سادي اڪثريت سان فيصلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته حڪومت پنهنجا جج آڻڻ چاهي ٿي.










