جتوئي جي ساٿين پي ٽي آئي کان سياسي رستا ڌار ڪري ڇڏيا

خيرپورناٿن شاهه(رپورٽ برڪت علي چانڊيو )خانپورجوڻيجو ۾ اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي پراڻن ساٿين پي ٽي آئي کان سياسي رستا ڌار ڪري ڇڏيا، پ پ پ ۾ شموليت جو باضابطا اعلان، جلسي ۾ جيئي ڀٽو جي گونج،پ پ پ ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيزجوڻيجو تي اعتماد جو اظهار ڪندي ميان غلام حيدر عباسي، غلام مصطفي’ عباسي، نظيراحمد سومرو سميت ٻين پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو،پ پ پ ضلع دادو صدر ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي ، ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيزجوڻيجو، ايم اين اي عرفان ظفرلغاري، لالا اعجاز چانڊيو، رفيق پنهور ۽ ٻين پڻ جلسي کي خطاب ڪيو، جڏهن ته زبيراحمد جوڻيجو، علي محمد سومرو، صداقت علي ناريجو، ضياء الدين ساريو، پ پ پ تعلقه صدر لالا اعجاز حسين چانڊيو، ضلع اڳواڻ ممتاز علي جوکيو، رئيس مشهود الحق گاڏھي، محمد هاشم لانڊر، قربان سيال، فهيم جمالي، ڊاڪٽر پريل قمبراڻي، ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو، احمد بخش ساريو، يوٿ اڳواڻ ميرمرتضي’ لغاري، سپاف اڳواڻ ميرمختياربروهي، سيد اظهار شاهه، سيد ماجد شاهه، راشد علي جوکيو، خورشيدجوڻيجو، اعجازعلي سومرو، محمد علي چانڊيو، علي اصغر اوٺو،  ممتاز ملاح، نظرحسين ٻٻر، درمحمد کرل، رب رکيو کوسو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي،ان موقعي تي پ پ پ ضلع دادو صدر رفيق احمد جمالي خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ عوامي پارٽي آهي جيڪا مقبول رهي ٿي، عبدالعزيزجوڻيجو تڪ جي ماڻهن جي بهتر خدمت ڪري ٿو جنهن سبب عوام اسان جي مخالفن کي ڇڏي پ پ پ ۾ شموليت ڪري رهيو آهي، شموليت ڪندڙ سمورن ماڻهن کي ويلڪم چوان ٿو،ايم اين اي عرفان لغاري چيو ته لياقت جتوئي ماڻهن کي گهڻو عرصو آسري ۾ ويهاريو پر هاڻي کيس ماڻهون سمجهي ويا آهن، 2018 واري اليڪشن ۾ جتوئي مونکي هارايو ويٺو هو ۽ پاڻ کي ايم اين اي سمجهي وفاقي وزير جا خواب پيو ڏسي، پر عوام کيس عبرتناڪ شڪست ڏني، جنهن بعد هو ڪڏهن صلاحڪاري ته ڪڏهن گورنر ۽ سينيٽر ٿيڻ جون وڏيون خواهشون پيو رکي پر کيس ڪجهه حاصل نه ٿيو، هاڻي عوام کيس سڃاڻي ورتو آهي،پ پ پ ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيزجوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته موجوده وفاقي سرڪار سنڌ سان ٻه اکيائي وارو تسلسل رکي پئي، عمران خان ته سنڌ کي پنهنجي صوبو مڃڻ لاء تيار ناهي چوي ٿو ته سنڌ منهنجو ناهي، سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو رويو رکيو پيو وڃي، تڏهن ته سنڌ کي پنهنجو حصي وارو پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي، سنڌ جي ترقي لاء پنهنجي شيئر به نٿو ڏنو وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي برپا ڪري ڇڏي آهي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، هن چيو ته 2023 پ پ پ سڄي ملڪ ۾ ڪامياب ٿيندي ۽ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو ٿيندو، جڏهن به پ پ پ وفاقي حڪومت ٺاهيندي آهي ته سمورن صوبن کي برابري جا حق ملندا آهن،پ پ پ تعلقه صدر لالا اعجاز احمد چانڊيو چيو ته اسان جا مخالف 11 سال لاڳيتو حڪومت ڪندي سنڌ جي وڏ وزارت به سندن وٽ هئي انهن پنهنجي دور ۾ ڪهڙي عوام جي خدمت ڪئي آهي، اسان جي نماعندن پوري دادو ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇائي ڇڏيا آهن، اسڪول اسپتالون روڊن جون سهولتون ڏنيون آهن، عوام اهڙي خدمتن تي متاثر ٿي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهي، پ پ پ سٽي اڳواڻ رفيق پنهور خطاب ڪندي چيو ته الحاج اميربخش جوڻيجو جي سياست تاريخ جو حصو آهي، جنهن 88 واري دور ۾ الحاج اميربخش جوڻيجو ملڪ ڀر ۾ پهرين نمبر تي چونڊيو هيو، عبدالعزيزجوڻيجو جي عوام دوست سياست جي ڪري مخالف پارٽي جا ماڻهون پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن جيڪا پ پ پ جي وڏي سوڀ آهي ان موقعي تي اڳواڻن کي سنڌي ٽوپي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو