دادو( رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو جي ڪچي واري علائقي اسماعيل جا ڀاڻ پوليس جي حد مان شاھاڻي ڌنارن کان ڦريل 2 مينھن جي پيري بعد جتوئي برادري جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن ڄڻن منٺار ۽ طالب جي قتل ۽ زخمي حبدار شاھاڻي بابت ڳالهائيندي رئيس غلام علي شاهاڻي جو چوڻ آھي ته اسان جي برادري پر امن آھي.پر ايشيا کنڊ جي وڏي زميندارغلام مرتضيٰ جتوئي جي ڪيٽي جتوئي ۾ مختلف ضلعن جا ڏوهاري رهن ٿا. جيڪي غريب ماڻھن جي زمينن تي قبضي ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ لاءِ پريشان ڪري سندن مال متاءُ ھٿيارن جي ڏاڍ تي ڪاھي وڃڻ سندن معمول بڻيل آھي، اها علائقي واسين سان وڏي زيادتي آھي.رئيس غلام علي خان ٻڌايو ته 15 سال اڳ ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو هو ان وقت مرتضىٰ جتوئي فيصلو ڪيو ته نوشھرو ۽ دادو ضلعن جا دنگ ڪڍي پوءِ نوشھري تڪ ۾ ايندڙ زمين جتوئي ۽ دادو جي تڪ ۾ ايندڙ زمين شاھاڻين کي ڏنيون وينديون.ھوڏانهن شاھاڻي برادري جي ماڻھن پلاند ۾ ڪيٽي جتوئي ۾ ھڪ بنگلي ۽ٽن لانڍين تي قبضو ڪري ورتو آھي. ۽ جنهن مورچي تان فائرنگ ڪري ماڻھون ماريا ويا ان مورچي تي پوليس قابض آھي. هن سنڌ جي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آھي ته ناحق قتل ٿي ويل شاهاڻي برادرين جي حقي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،ٻئي طرف سردار مير منظور پنھور، اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، مرتضي جتوئي علي گوهر مهر ڌرين کي وڌيڪ خون ريزي کان روڪي فيصلي لاءِ چيو آھي.شاھاڻي برادري 5 رڪني ڪاميٽي رئيس دين محمد شاهاڻي، رئيس شعيب شاهاڻي، رٽائرڊ ڊي ايس پي محمد عمر شاهاڻي.امان الله شاهاڻي تي ٻڌل 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي ورتي آھي جنھنجو سربراھ سردار چاڪر خان شاھاڻي آھي. جيڪي ٽيجھي بعد معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ورندي ڏيندا.










