اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ماڻهو پاڻ به هليا وڃن ٿا پر رياست جي به ڪجهه ذميواري آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته جبري گمشدگين ۾ رياست ملوث آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن بابت 25 مئي جي عدالتي حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي نه ڪئي ويندي، ايندڙ ٻڌڻي تائين ڌريون دليل مڪمل ڪن. ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته وفاقي ڪابينا گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي هئي. ان تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هن عدالت ڪهڙو حڪم ڏنو هو اهو پڙهي ٻڌايو؟ ان حڪم ۾ لکيل هو ته گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي پيش ڪيو وڃي، اهي ڪٿي آهن؟ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت ڪميٽي ٺاهي آهي ۽ جاچ ادارا به ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کي ڪميٽين ۾ نه ڦاسايو وڃي، ٻڌايو ته ڇا عمل ٿيو آهي؟ هن سوال ڪيو ته وفاقي حڪومت جي ڪارروائي ڪٿي آهي، عدالت غلط بياني قبول نه ڪندي. هن چيو ته اڄ به هر روز ماڻهن کي کنيو پيو وڃي، ڪير به پڇڻ وارو ناهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته عدالت وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو هو ته پرويز مشرف ۽ ايندڙ سمورن وزير اعظمن کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن، اهي نوٽيس ۽ حلف ناما ڪٿي آهن؟ عدالت چيو ته هي سڀ کان اهم معاملو آهي ۽ ان ۾ رياست جو رويو آهي، ڇا وفاقي حڪومت جي قائم ڪيل ڪميٽي جو ڪو اجلاس ٿيو آهي؟ چيف جسٽس چيو ته عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن حڪم تي عمل نه ٿيو ته موجوده ۽ اڳوڻي گهرو وزيرن کي پيش ٿيڻ گهرجي، هن پڇيو ته گهرو وزير ڪٿي آهن؟ ڇا عدالتي حڪم تي عمل ٿي رهيو آهي؟ چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا اهو سٺو لڳندو ته عدالت چيف ايگزيڪيوٽو کي طلب ڪري، سموريون حڪومتون آئين ۽ حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن. عدالت سوال ڪيو ته معاملو وفاقي حڪومت ۽ سموري سياسي قيادت جي ترجيح هجڻ گهرجي ها؟ ڊپٽي اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوششن بابت آگاهه ڪندو، جنهن تي عدالت جواب ڏنو ته گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت حڪم ڏنو هو ته گم ٿيل ماڻهن جي صورتحال جو نوٽيس وٺي قدم کنيا وڃن، هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا وفاقي حڪومت پيمرا کي هدايتون جاري ڪيون آهن؟ عدالت ۾ موجود سڌ سماءَ واري وزارت جي نمائندي جواب ڏنو ته اسان سڌو سنئون پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي لکيو هو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪيو وڃي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته لاپتا ماڻهن بابت هن وقت تائين ڪيترا پروگرام ٿيا؟ ”هن ڪورٽ سان راند نه کيڏو، ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڪرنل (ر) انعام الرحمان ايڊووڪيٽ چيو ته اسان گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، مون کي ٽي وي تي اچڻ کان روڪيو ويو آهي. ايڊووڪيٽ انعام الرحمان چيو ته پرويز مشرف کان وٺي اڄ تائين ماڻهن کي جبري گم ڪرڻ رياستي ادارن جي پاليسي آهي، هي عدالت به حڪم جاري ڪندي آهي پر پوءِ به ماڻهن کي کنيو پيو وڃي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ انعام الرحيم سان مخاطب ٿيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي هن اهم معاملي تي ڌيان ڇڪايو هو. وڪيل انعام الرحمان جواب ڏنو ته ڏهه ڪيس هئا جن ۾ ماڻهو گم ٿيا، بعد ۾ معلوم ٿيو ته انهن تي ڪيس هلايا ويا ۽ سزائون به ٿيون. ”اسان کي بعد ۾ جيل مان معلوم ٿيو ته انهن مان ڪجهه ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي هئي،“ هن دليل ڏنو ته فوجي عدالتن آرڊيننس جي مدي کانپوءِ به کيس آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت سزا ڏني وئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جن ماڻهن تي ڪيس هليو انهن جي خاندانن کي به خبر ناهي. ڪرنل (ر) انعام الرحمان ايڊووڪيٽ جواب ڏنو ته نه، سندس گهر وارن کي به جيل مان خبر پئي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته وفاقي ڪابينا ڪميٽي ٺاهي آهي، جيتوڻيڪ اهو ممڪن ناهي پر ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. ياد رهي ته اڳ ۾ عدالت 15 صفحن تي مشتمل حڪم جاري ڪندي صدر پرويز مشرف سميت سڀني چيف ايگزيڪٽو يعني وزيراعظم جي عهدن تي رهندڙ سمورن ماڻهن کي طلب ڪندي اها وضاحت پڇي هئي ته اوچتو بنا ڪيس جي ماڻهن کي جبري گم ڪرڻ رياست جي پاليسي ڇو آهي؟










