جبري گمشدگين خلاف وارثن ۽ حامين جو پرامن احتجاج

ڪراچي (پ ر)وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سڀا ۽ سنڌ سُجاڳي فورم پاران عيد الاضحيٰ جي ڏينھن صبح جو 12 وڳي کان شام 6 وڳي تائين سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ 6 ڪلاڪن جي (علامتي) بُک ھڙتال وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار،  وي پي جي ڊپٽي ڪنوينر سنڌو امان چانڊيو، وي ايم پي ڪوآرڊينيٽر سسئي لوھار، سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فنئانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري لطيف ميمڻ، سنڌ جي قومي دانشور تاج جويي، عاقب چانڊيي جي امڙ مختيار بيگم، ڀيڻ شازيا چانڊيو، فضا چانڊيو، وني فروا چانڊيو، نسيم بلوچ جي مڱيدي ھاني بلوچ، انصاف دايي جي ڀيڻن اقصيٰ دايو، افسانا دايو، پٺان خان زھراڻي جي وني بشيران زھراڻي، پُٽ عرفان، محفوظ نوتڪاڻي جي ڀاءُ مقبول نوتڪاڻي، جبار سرڪي جي امڙ جنت خاتون، اعجاز ڳاھي جي ڀاڻيجي ۽ سنڌ نيشنل وائيس جي اڳواڻ ايس ڪي ڳاھي، جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي.

Photo Facebook

ان موقعي تي ناليواري اديب جامي چانڊيو، ھيومن رائيٽس الائينس جي ڪنوينر مشتاق ميراڻي، مھيش ڪمار، ظفر جوڻيجي، ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن جي ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيي، جسقم اڳواڻ، اشفاق ميمڻ، ھيومن رائيٽس اڳواڻ اسد بٽ، قاضي خضر، ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد، ڊي آر ايس آف اڳواڻ نغمه شيخ، جسقم جي ڊي او الاھي بخش بڪڪ، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئر پرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سرمن بروھي، حمز علي چانڊيي، سھيل ڀُٽو، سليمان جتوئي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مختيار سومري، ايس يو پي ڊويزن اڳواڻ منير مگسي، ايس يو پي اڳواڻ امير جان چانڊيو، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ٽالپر، ڊيلٽا ڊولپمينٽ آرگنائيزر شفيق مرگر، سنڌ سڀا جي پريس سيڪريٽري وفا حسين، سنڌ سجاڳي فورم جي ڪراچي ڊويزن جي ميڊيا سيڪريٽري زاھد کوسي، ضلعي ڪورنگي جي جنرل سيڪريٽري منصور جمالي، ميڊيا سيڪريٽري آفتاب گبول، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي ڊپٽي چيف ارگنائيزر ھمت ڦلپوٽي، آرگنائيزر عبدالرزاق ٽالپر، تعلقي ڪورنگي جي آرگنائيزر مجاھد سنڌي، شاھد سومري، جساف اڳواڻ سارنگ مغيري، صحافي رزاق عاصي، نيشنل ٽريڊ يونين جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور، جسقم ڪارڪن ڪامران سنڌي، دليپ ايسراڻي، مشتاق سرڪي، ۽ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شريڪ اڳواڻن، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي وارثن ڳالھائيندي چيو ته، ”اسان جي اڄوڪي بک ھڙتال، سنڌ مان کنڀي ڪيل سنڌي، بلوچ ۽ پختون سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ آھي، سنڌ مان کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو اڃا ناھي رڪيو، ھي رياست ۽ ان جي ادارن جو عمل انساني حقن جي سنگين لتاڙ ۽ عدالتن کان مٿانھون عمل آھي، جيڪو عمل ڪنھن به صورت ۾ برداشت جوڳو ناھي، حالت اھا آھي ته انڊيا جي ايجنٽ ڪلڀوشن کي ته پنھنجن مائٽن سان ملڻ جو حق ڏنو ٿو وڃي پر معصوم عاقب چانڊيي کي ان جي امڙ سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن اسان جي پيارن تي ڪو به الزام آھي ته اوھان پنھنجي قانون تحت انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو، ۽ اسان عالمي ضمير، يو اين او، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته اوھان ھن انساني حقن جي سنگين لتاڙ خلاف نوٽيس وٺي ھن رياست تي دٻاءُ وجھي اسان جي پيارن کي بحفاظت آزاد ڪرايو، نه ته ٻئي صورت ۾ سنڌ جي ماڻھن ۾ جيڪا ھي نفرت ۽ بغاوت جنم وٺي رھي آھي، ان کي اوھان روڪي نه ٿا سگھو، ۽ ھيءَ جدوجھد ايسيتائين جاري رھندي جيسيتائين اسان جا پيارا آزاد نه ٿا ڪيا وڃن، آخر ۾ گڏيل راءِ سان اھو فيصلو ڪيو ويو ته عيد کان پوءِ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ،  سنڌ سجاڳي فورم،  ۽ سنڌ سڀا جي ميزباني ھيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي، ان ۾ جبري گمشدگين جي مسئلي تي گڏيل راءِ سان لائه عمل جوڙي جدوجھد ڪئي ويندي، ان موقعي تي سنڌ سڀا پاران 14 آگسٽ کان 16 آگسٽ تائين 50 ڪلاڪن جي لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي ويندي ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو