ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ)جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا جي تقرير دوران ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو ته اتي ڀاڄ پئجي وئي.مقامي ميڊيا موجب ڌماڪي جي آواز کان پوءِ جاپاني وزيراعظم کي واڪياما شهر ۾ بندرگاهه مان ڪڍيو ويو ۽ واقعي ۾ محفوظ رهيو.رپورٽن مطابق اڻڄاتل شخص وزيراعظم جي ويجهو پائپ جهڙي شيءِ اڇلائي جنهن کي اسموڪ بم چيو پيو وڃي.پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم تي اسموڪ بم اڇلائيندڙ شخص کي حراست ۾ وٺي فوري طور تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










