واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مشهور هالي ووڊ اداڪار جاني ڊيپ بدنامي جي ڪيس ۾ اڳوڻي زال اداڪارا امبر هرڊ کان وصول ڪيل ڏهه ملين ڊالر عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره ڏنڊ جي مد ۾ مليل 1 ملين ڊالر عطيو ڪرڻ لاءِ پنج مختلف خيراتي ادارن کي چونڊيو آهي، انهن سمورن خيراتي ادارن ۾ ڏنڊ جي رقم برابر هوندي يعني 2 لک ڊالر انهن خيراتي ادارن ۾ ميڪ اي فلم فائونڊيشن، دي پينٽيڊ ٽرٽل، ريڊ فيدر، مارلن برانڊو جي ٽيٽياروا سوسائٽي چيرٽي ۽ امازونيا فنڊ الائنس شامل آهن، جيڪي بيمار ٻارن جي ڀلائي کان وٺي بي گهرن لاءِ محفوظ رهائش تائين سڀ ڪجهه فراهم ڪري ٿي.










