اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ثمينه پيرزاده موجوده سياسي صورتحال تي حڪمران جماعت ۽ مخالف ڌر جي ڪارڪنن پاران سياسي اڳواڻن ۽ صحافين جي گهرن ٻاهران احتجاج جي مذمت ڪئي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ثمينه پيرزاده چيو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ، ڪارڪن يا صحافي جي گهرواري جي گهر اڳيان احتجاج ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي. اداڪارا لکيو ته گهر ڀاتين کي هراسان ڪرڻ غير اخلاقي عمل آهي، اسان باشعور ۽ ذميوار ماڻهو آهيون.اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ لکيو ”پاڪستان زنده آباد“.










