اسلام آباد(بيورو)پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ثابت ٿي ويو آهي ته جنهن ٻين کي چور چيو اهو پاڻ چور نڪتو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ احسن اقبال چيو ته جنهن ٻين کي امپورٽ چيو اهو پرڏيهي فنڊنگ وارو ايجنٽ نڪتو. هن چيو ته جنهن ٻين کي ڪوڙو چيو هو پاڻ ڪوڙو ثابت ٿيو، پرڏيهي فنڊنگ سان پاڪستان ۾ انتشار ۽ انتشار جي سياست ڪري رهيو آهي.احسن اقبال اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪا شرم آهي، ڪا حياءَ ناهي، عمران نيازي جواب ڏيو!










