تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ۾ يقين رکان ٿو، وزيراعظم

تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ۾ يقين رکان ٿو، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا ٽي سال پورا ٿيڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي پيغام ڏنو آهي ته تڪرارن جي حل لاءِ هميشه ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي يقين رکان ٿو. وزيراعظم عمران خان پاران آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا ٽي سال پورا ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ويو آهي.

عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته هو هميشه تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي يقين رکن ٿا، ڳالهين جي خواهش کي ڪمزوري جي نشاني نه سمجهيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 27 فيبروري 2019 تي حملي واري ڏينهن به ڀارت کي سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي حل جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ڀارت اسان تي حملو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو