تڪراري ڀارتي عورت پوليس آفيسر ٽريفڪ حادثي ۾ فوت

تڪراري ڀارتي عورت پوليس آفيسر ٽريفڪ حادثي ۾ فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست آسام جي تڪراري عورت پوليس آفيسر ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب 30 ورهين جي سب انسپيڪٽر جنموني راڀا جي ڪار ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ هو فوت ٿي ويو. پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.رپورٽن مطابق ڪيترن ئي تڪرارن ۾ ملوث عورت سب انسپيڪٽر پنهنجي پرائيويٽ گاڏي ۾ سوار هئي ۽ پوليس يونيفارم نه پهريل هئي.ڀارتي ميڊيا موجب مارجي ويل عورت پوليس اهلڪار کي بالي ووڊ فلمن جي نالن سان به سڏيو ويندو هو.ڀارتي ميڊيا موجب سي آءِ ڊي حادثي جي جاچ ڪندي ۽ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حادثي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ عورت پوليس اهلڪار خلاف ڀتا خوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته سب انسپيڪٽر يونيفارم ۽ سيڪيورٽي ۾ پنهنجي ذاتي ڪار ۾ ڪٿي وڃي رهيو هو ۽ گهر وارن به ان حوالي سان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب عورت سب انسپيڪٽر جي گهرڀاتين واقعي جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ غير جانبدارانه جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي جنموني راڀا جي ماءُ چيو ته منهنجي ڌيءَ کي اڻڄاتل ٽولي رٿابنديءَ سان قتل ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب مقتول پوليس آفيسر کي گذريل سال جون ۾ به ڪرپشن جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو