اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس تڪراري ٽوئٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.رپورٽ موجب اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪه ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جي خلاف تڪراري ٽوئٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ڪيس ۾ ٻنهي تي فرد جرم لاڳو ڪئي جنهن تي ايمان مزاري ۽ هادي علي ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار تي ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه جي سمورن گواهن کي طلب ڪري ورتو.جنهن کان پوءِ عدالت هادي علي چٺه کي ٻيهر ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ايمان مزاي ۽ هادي علي چٺه جي خلاف اين سي سي آءِ اي ڪيس داخل ڪري رکيو آهي.










