تيل وڪرو ڪرڻ وارو ايراني لائسنس رد،تيل جي قيمتن ۾ واڌ

تيل وڪرو ڪرڻ وارو ايراني لائسنس رد،تيل جي قيمتن ۾ واڌ

سنگاپور: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزارت پاران ايراني تيل جي محدود وڪري جي اجازت ڏيندڙ 21 جون وارو جنرل لائسنس منسوخ ڪرڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، ڪاروباري سرگرمين کانپوءِ برينٽ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 1.87 ڊالر في بيرل واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ قيمت 76.03 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي.ايران تي تازو ئي ٿيل آمريڪي حملن کانپوءِ آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ۾ به 3 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 72.65 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو