ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لانڍي ۾ فيوچر ڪالوني ويجهو تيز رفتار بس شهرين تي چڙهي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.لانڍي فيوچر ڪالوني ويجهو خانگي ڪمپني جي تيز رفتار بس شهرين کي چڀياٽي ڇڏيو. حادثي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار ۽ امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ پهتيون. جنهن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.










