تيز برساتن جي اڳڪٿي،سي اي اي جا هنگامي قدم کڻڻ جو حڪم

تيز برساتن جي اڳڪٿي،سي اي اي جا هنگامي قدم کڻڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي تيز برسات ۽ آنڌاري جي اڳڪٿي سبب سول ايويئيشن اٿارٽي هنگامي قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.ڪراچي ۾ برسات دوران 60 ڪلوميٽر ۽ ان کان وڌيڪ تيز هوائون گھلڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ سول ايويئيشن اٿارٽي جي ايئرسائيڊ شعبي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.سي اي اي طرفان لاڳاپيل ادارن کي چيو ويو آهي ته هلڪي وزن جي هوائي جهازن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي، رن ويز ۽ ٽارمڪ ايريا ۾ ڪنهن به ٽڪر جي خدشي جو سبب بڻجندڙ اوزارن کي به حساس هنڌن تان هٽايو وڃي جڏهن ته گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ تيز هوائن دوران مختلف قسم جي جيتن جي خاتمي لاءِ اسپري کي يقيني بڻايو وڃي.سول ايويئيشن هدايتون ڏنيون آهن ته جهازن کان پکين کي پري رکڻ لاءِ واڌو برڊ شوٽرز مقرر ڪيا وڃن ۽ ايئر فيلڊ لائٽنگ، پارٽي رن ويز ۽ ڀرپاسي ۾ موجود سمورن برقي اوزارن جي ڪارڪردگي کي يقيني بڻايو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو