تيزگام سانحي بعد ته ريلوي وزير کي مستعفي ٿيڻ گهرجي ها، عدالت

تيزگام سانحي بعد ته ريلوي وزير کي مستعفي ٿيڻ گهرجي ها، عدالت

اسلام آباد (اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريلوي خساري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته تيزگام کي باهه لڳڻ واري سانحي بعد ته ريلوي جي وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سومر تي ملتوي ڪيل ٻڌڻي شروع ڪئي ته ريلوي جو وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. شيخ رشيد سان عدالت جو مڪالمو به ٿيو ۽ عدالت مٿس ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو. چيف جسٽس کيس مخاطب ٿيندي چيو ته جي وزير صاحب ٻڌايو اوهان ڇا پيا ڪريو، اوهان جو سڄو ڪچو چٺو اسان جي سامهون آهي ۽ اوهانجي انتظاميه کان ريلوي نه هلندي. عدالت تيزگام سانحي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان ۾ 70 ماڻهو مري ويا اوهان کي ته استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها. جنهن تي شيخ رشيد چيو ته اسين 19 ملازمن کي فارغ ڪيو آهي. عدالت چيو ته ڪالهه ٻڌايو ويو ته ٻن ڄڻن کي فارغ ڪيو ويو آهي، اوهان ته ننڍن ملازمن کي هٽايو هوندو نه وڏن جي واري ڪڏهن ايندي. شيخ رشيد چيو ته وڏن کي به ڪڍنداسين. عدالت چيو ته نظر ته نٿو اچي سڀني کان وڏا ته اوهان آهيو. ياد رهي ته 31 آڪٽوبر 2018 تي ڪراچي کان لاهور ويندڙ تيزگام ايڪسپريس کي باهه لڳڻ سبب 74 ماڻهو فوت ۽ 40 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا هئا. عدالت چيو ته وزير صاحب اوهان ماڻهن کي خواب نه ڏيکاريو اڄ به 18 هين صدي واري ريلوي پئي هلي ريلوي ۾ وڏي ڦر لٽ مچيل آهي. شيخ رشيد چيو ته مان 18 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهيان 70 لک مسافر وڌايا آهن. عدالت چيو ته 2020 ۾ به اوهان جو سڄو نظام پرچين تي پيو هلي. وزير چيو ته اسين بايو ميٽرڪ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. عدالت کيس چيو ته اوهان ريلوي جي بهتري لاءِ 2 هفتن ۾ بزنس پلان پيش ڪريو ۽ جيڪڏهن ان جي خلاف ورزي ٿي ته ڪاروائي ڪئي ويندي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي رٿا بند يجي وزير اسد عمر ۽ سيڪريٽري رٿا بند يکي به طلب ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت حڪم ڏنو ته ريلوي کي خساري مان ڪڍي منافع بخش بڻايو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي 6 ڪلوميٽر وارو ٽريڪ ٻن هفتن ۾ ٺيڪ ڪريو ۽ سنڌ حڪومت ان باري ۾ ريلوي سان تعاون ڪري. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته 2018 ۾ ريلوي جو خسارو 60 ارب ٿيڻ تي ازخود نوٽيس ورتو هو ۽ رپورٽ طلب ڪئي هئي ان وقت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي ۽ خواجا سعد رفيق ريلوي جو وزير هو. حڪومت ان وقت رپورٽ پيش ڪئي هئي جنه تي عدالت آڊٽ جو حڪم ڏنو هو. بعد ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيند يشيخ رشيد چيو ته عدليه کي قوم جي مسئلن تي پريشاني آهي ۽ اسين عدليه جا مشڪور آهيون ۽ سندن هدايتن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته عدالت چوي ته مان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته ريلوي بابت رپورٽ 2013 کان 2017 بابت آهي اسنجي دور جو ان سان واسطو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو