شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) تو کي وٺڻ منهنجا جاني دهل دمامن سان ايندا سي جي شاعر ظفرالله جعفري جو چوڻ آھي ته اسان جي سماج ۾ گهربل مانُ ملڻ اڃان تائين خواب بڻيل آهي، انتهائي ٿوري عرصي ۾ شهرت جي بلندين تي پهچي ويل ڳوٺ گهرام خان جعفريءَ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي رهواسي شاعر ظفرالله جعفريءَ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته اسان جي سماج ۾ شاعر کي مڃتا ماڻڻ جي لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا فنڪار شاعر ڏانهن رجوع نه ٿا ڪن پر شاعرن کي پنهنجي شاعري ڳائرائڻ لاءِ فنڪارن جي گهرن جا چڪر ڪاٽڻا ٿا پون شاعرن جي پذيرائي توڙي تربيت ۽ روزگار جي لاءِ پاڻ وٽ ڪو به سرڪاري يا غير سرڪاري ادارو ڪم نه ٿو ڪري مون کي ٻن فنڪار ڀائرن ڪامران ۽ عمران جماليءَ جي ڳايل گيت ‘‘تو کي وٺڻ مُنهنجا جاني دُهل دمامن سان ايندا سي’’ مختصر عرصي ۾ جيڪا مشهوري ڏياري آهي اهڙي مشهوري تمام گهٽ ئي شاعرن کي ڪنهن ڪنهن گيت جي حوالي سان نصيب ٿيندي آهي اهو گيت مون اپريل 2021ع ۾ لکيو هو جيڪو رليز 01 مئي 2021ع تي ٿيو ۽ هن وقت تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ لکين شادين جي تقريبن ۾ ڳايو ويو آهي ۽ هزارن جي تعدادا ۾ يوٽيوب تان ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي سال 2008ع کان شاعري لکڻ شروع ڪئي شاعريءَ جي مختلف صنفن مثال طور چئو سٽو، غزل، گيت، مولود، حمد، التجا ۽ نصيحت سميت سوين تخليقون تخليق ڪيون آهن اڃان تائين نه ته ڪو شعري مجموعو شايع ٿيو آهي نه ڪو ايوارڊ يا اعزاز مليو آهي نه ئي ڪڏهن ڪنهن مون سان رهاڻ رچائي آهي شاعري منهنجو شوق آهي پيٽ گذر واري سلسلي جو دارومدار زمينداريءَ تي آهي اڃان تائين غير شادي شده آهيان رمضان کان بعد شادي ڪندس منهنجا ڪلام فائزه علي، خوشبو لغاري، فقير اعجاز علي خاصخيلي، مظهر چانڊيو، عامر شاھ ۽ ناروڌا مالڻي سميت سنڌ جي اڪثر فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳايا آهن.










