توهين عدالت ڪيس ۾ ڊي سي ۽ ايس ايس پي آپريشنز جي سزا معطل

توهين عدالت ڪيس ۾ ڊي سي ۽ ايس ايس پي آپريشنز جي سزا معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز ميمڻ جي سزا معطل ڪري ڇڏي.چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ، ايس ايس پي آپريشنز ۽ ايس ايڇ او جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي حڪم جاري ڪيو.عدالت ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز، ايس ايس پي آپريشنز جميل ظفر ۽ ايس ايڇ او جي سزا به معطل ڪري ڇڏي.عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ ٽنهي درخواستگذارن جي سزا 7 مئي تائين معطل ڪندي اپيل جي ٻڌڻي 7 مئي تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پهرين مارچ تي توهين عدالت ڪيس ۾ ٽن آفيسرن کي سزا ٻڌائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو