اسلام آباد(بيورو) هاءِ ڪورٽ عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري توهين عدالت ڪيس ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بابت سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل سرڪيولر موجب لارجر بينچ سڀاڻي 22 سيپٽمبر تي 2:30 وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ۽ ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ داخل ٿيڻ تي رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل پاس جي تابع هوندي.سرڪيولر موجب عمران خان جي قانوني ٽيم جا 15 وڪيل عدالت ۾ موجود هوندا جڏهن ته اٽارني جنرل آفيس ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس جي 15 لا آفيسرن کي به عدالت ۾ اچڻ جي اجازت هوندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سرڪلر ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس عدالتي سجاڳي برقرار رکڻ لاءِ سڪيورٽي انتظام ڪن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان تي سڀاڻي فرد جرم لاڳو ڪندي.










