اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ عورت جج بابت توهين آميز لفظن واري معاملي تي حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان طرفان جمع ڪرايل حلف نامي ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت جي سامهون جيڪو ڪجهه چيو هو ان تي مڪمل عمل ڪندس.حلف نامي ۾ عمران خان چيو ته ٻڌڻي دوران محسوس ٿيو ته 20 آگسٽ واري تقرير ۾ ريڊ لائين پار ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن جج کي تاثر ملي ته ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي ته هو معافي وٺڻ لاءِ تيار آهي.عمران خان پنهنجي حلف نامي ۾ لکيو آهي ته تقرير ۾ جج کي ڌمڪيون ڏيڻ جو ارادو نه هو، ايڪشن وٺڻ جو مطلب قانوني ڪارروائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ 26 سالن جي جدوجهد ڪئي.










