توهين اليڪش ڪميشن ڪيس: عمران ۽ فواد جا اعتراض ڪميشن ۾ جمع

توهين اليڪش ڪميشن ڪيس: عمران ۽ فواد جا اعتراض ڪميشن ۾ جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين ڪيس ۾ عمران خان ۽ فواد چوڌري جي وڪيلن طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض جمع ڪرايا ويا.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض جمع ڪرايا.اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته توهين عدالت آرڊيننس موجب جنهن ميمبر تي توهين عدالت جو الزام آهي، اهو پنهنجي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ نه ٿو ويهي سگهي.نوٽيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبرن جي توهين ڪئي وئي، سمورا ميمبر ان ڪيس ۾ متاثر ڌر آهن، اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ان ڪيس ۾ جج طور نه بيٺا آهن. اليڪشن ڪميشن کي قانون جي روڪٿام آهي، ها، ڪيس ۾ شفافيت جي ضرورت آهي ته ميمبر بينچ مان پاڻ کي الڳ ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو