اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين توشه خانه ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توشاخانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو قانون خلاف آهي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪئي وڃي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان وڪيل خواجه حارث ۽ بئريسٽر گوهر اپيل داخل ڪئي.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين درخواست ڪئي ته اٽڪ جيل ۾ نظربندي کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪئي، هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض اٿاريا.معاون وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شير افضل مروت لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ مصروف آهي، ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته جيل ۾ اي ڪلاس جون سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان جو معائنو ڪرايو وڃي.










