توشه خانه ڪيس،عمران خان کي 3 سال قيد، هڪ لک ڏنڊ، گرفتار

توشه خانه ڪيس،عمران خان کي 3 سال قيد، هڪ لک ڏنڊ، گرفتار

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر جي ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان کي ڏوهي قرار ڏيندي  3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، جنهن بعد پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنجاب پوليس زمان ٽائون لاهور واري گهر مان گرفتار ڪيو ۽ موٽر وي ذريعي اسلام آباد منتقل ڪرڻ بعد پمز اسپتان مان طبي معائنو ڪرايو. جنهن بعد کيس اڊيالا جيل اماڻيو ويندو. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ جج لکيو آهي ته عمران خان توشا خاني مان تحفا حاصل ڪري وڪڻندو رهيو ۽ ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهائيندي غلط معلومات فراهم ڪندو رهيو. عدالت کيس ڪوڙو، ڪرپٽ ۽ بيمان قرار ڏنو آهي. عمران خان جي وڪيلن شعيب شاهين ۽ نعيم پنجوٿا في3صلي کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هي انصاف جو قتل آهي، معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ التوا ۾ آهي فيصلو نٿو ٻڌائي سگهجي. سوشل ميڊيا تي بهاولپور مان هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ عمران خان جا مبينا حامي فيصلي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج همايون دلاور توشه خانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان عدالت ۾ نه آيو، جيتوڻيڪ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ طلب به ڪيو هو. ٻڌڻي جي شروعات تي جج همايون دلاور پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ طرفان ڪو وڪيل آيو آهي؟ توشه خاني ڪيس ۾ جج صاحب ڪيترائي ڀيرا سڏ ڪيو. سيشن ڪورٽ ۾ توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي ٽئين وڳي کانپوءِ شروع ٿي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جج همايون دلاور پڇاڻو ڪيو ته ڪو پيش ٿيو يا نه؟ عدالت چيو ته چوٿين ٻڌڻي ۾ به خواجا حارث عدالت ۾ پيش نه ٿيو، فيصلو محفوظ ڪريان ٿو، ساڍي 12 وڳي ٻڌائيندس.هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل نعيم پنجوٺو ضلعي عدالت ۾ پهتو جنهن کانپوءِ خواجا حارث به ڪجهه دير کانپوءِ عدالت پهتو.ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي خواجا حارث چيو ته ڇا مونکي ڪجهه چوڻ جي اجازت آهي؟ مان توهان جي خلاف منتقلي جي درخواست داخل ڪري رهيو آهيان.

لکت وارو فيصلو جاري

اسلام آباد جي سيشن عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خاني ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.سيشن جج همايون دلاور توشه خاني ڪيس ۾ 4 نقاطي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس کي دليل ڏيڻ لاءِ ڪنهن به جوابدار جي درخواست تي دليل نه ڏنا.  جنهن تي 5 مئي ۽ 8 جولاءِ تي ٻڌڻي ٿيندي، درخواست رد ڪئي وڃي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته شڪايت ڪندڙ اطمينان بخش ثبوت پيش ڪيا آهن، شڪايت ڪندڙ جا ڏنل ثبوت پي ٽي آءِ چيئرمين تي لڳايل الزامن کي ثابت ڪن ٿا.  ثابت ٿيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ جعلي رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته 19-2018ع ۽ 2019-20ع ۾ توشه خاني مان ورتل تحفن جا ڪوڙا رڪارڊ جمع ڪرايا ويا، 21-2020ع ۾ به فارم بي بابت غلط رڪارڊ جمع ڪرايو ويو. سيشن جج همايون دلاور طرفان لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين قومي خزاني مان تحفن جو غلط استعمال ڪيو.  توشه خاني مان ورتل تحفن جو رڪارڊ غلط ثابت ٿي ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي بي ايماني تي ڪو به شڪ ناهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاران ڏنل معلومات بعد ۾ غلط ثابت ٿي.  پي ٽي آءِ چيئرمين جي بدنيتي ڪنهن شڪ کان ٻاهر ناهي،پي ٽي آءِ چيئرمين کي اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 174 تحت سزا ڏني وئي آهي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.  ڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽڻي پوندي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي وقت پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت ۾ موجود نه هو، آءِ جي اسلام آباد کي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

تحريڪ انصاف جو چيئرمين گرفتار

توشه خانه ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي لاهور مان گرفتار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب عمران خان جي گهرواري سندس گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

Tosha Khana Verdict Against Imran Khan

پهنجو تبصرو موڪليو