توشه خانا ڪيس: خان جا وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست غير موثر قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي وڪيل خواجا حارث جي ذريعي توشه خانه ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان طرفان خواجا حارث ۽ بئريسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو