اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي اڄ حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو.ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن طرفان وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش ٿيو.چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن چيو ته عمران خان جا چار وڪيل آهن، وقت ضايع ڪيو پيو وڃي.ان تي گوهر علي چيو ته اليڪشن ڪميشن جا وڪيل رڳو پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن، چيئرمين پي ٽي آءِ جو سينيئر وڪيل خواجه حارث آهي.عمران خان جي وڪيل ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن طرفان دير ڪرڻ وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، سندس وڪيلن جو مقصد دليل ڏيڻ نه آهي، خواجا حارث جي عدالت ۾ ڪابه مصروفيت ناهي.










