آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نااهلي خلاف اپيل رد

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نااهلي خلاف اپيل رد

مظفر آباد)ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ سردار تنوير الياس جي نااهلي خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي.سردار تنوير الياس جي قانوني ٽيم توهين عدالت ڪيس ۾ آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ جي نااهلي واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم چيو ته توهان سڀاڻي ٻيهر اپيل کڻي اچو، اپيل جو ٽائيٽل درست ناهي، سردار تنوير الياس وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس سردار تنوير الياس جي وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن هو وزيراعظم آهي ته اپيل داخل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ فيصلو صحيح آهي يا غلط اهو بعد ۾ ٿيندو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن سردار تنوير الياس کي آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ پنهنجي تقريرن ۾ ڌمڪي وارو انداز اختيار ڪرڻ تي طلب ڪيو هو. آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي عدالت جي برطرفي تائين سزا ٻڌائي ۽ کيس ڪنهن به سرڪاري عهدي تي رهڻ کان نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت جي الزام ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اليڪشن ڪميشن سردار تنوير الياس کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ تنوير الياس کي لکت ۾ جواب لاءِ 2 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو