تعليمي کاتي سنڌ جون بجيٽ تجويزون حڪومت حوالي ڪري ڇڏيون

تعليمي کاتي سنڌ جون بجيٽ تجويزون حڪومت حوالي ڪري ڇڏيون

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليمي کاتي پنهنجون بجيٽ تجويزون حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏيون آھن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تياري جاري آهي، پر عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي ڪري تعليم جي شعبي ۾ وڏي مالي واڌ جا امڪان محدود نظر اچي رهيا آهن.تعليمي کاتي سنڌ جي عملدارن موجب، عالمي سطح تي جنگي صورتحال جي ڪري ملڪي معيشت دٻاءُ جو شڪار ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اثر ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي به پوڻ جو خدشو آهي، ان ڪري تعليم جي بجيٽ ۾ ڪنهن وڏي واڌ جي اميد گهٽ آهي. تعليم واري وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کان درخواست ڪئي آهي ته تعليم جي موجوده بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي، ته جيئن جاري تعليمي سرگرميون ۽ منصوبا متاثر نه ٿين. اميد آهي ته گذريل مالي سال جي برابر 425 ارب روپين جي بجيٽ برقرار رکي ويندي. تعليمي کاتي موجب، مجموعي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو حصو ملازمن جي پگهارن ۽ مراعتن تي خرچ ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري ترقياتي منصوبن ۽ تعليمي سڌارن لاءِ محدود وسيلا هڪ وڏو مالي چيلينج آهن. سنڌ جي تعليمي کاتي نئين مالي سال لاءِ پنهنجيون ترجيحون طئي ڪري ورتيون آهن. وڏن خرچن جي باوجود به خاطر خواهه نتيجا نه ڏيندڙ پراڻن منصوبن کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته اثرائتن ۽ اهم منصوبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليمي کاتي پاران موڪليل جامع بجيٽ تجويزن ۾ تعليمي معيار جي بهتري، انفراسٽرڪچر (عمارتن جي حالت) ۽ ٻين اهم شعبن لاءِ سفارشون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو