تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز مطابق کولڻ جو اعلان

تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز مطابق کولڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پوري ملڪ ۾ 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز مطابق ميٽرڪ ۽ ان کان مٿي وارن ڪلاسن جا تعليمي ادارا کولڻ جو فيصل ڪيو آهي. اهڙو فيصلو وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس دوران ڪيو ويو. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته 15 کان 30 سيپٽمبر تي مرحليوار سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا. تعليمي ادارا کولڻ لاءِ طئه ٿيل تاريخ کان 2 ڏينهن اڳ پاليسيز جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ به تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته 22 سيپٽمبر تي 6 کان اٺين جماعت ۽ 30 سيپٽمبر تي پري پرائمري ۽ پرائمري اسڪولز کوليا ويندا، صوبن ۾ تعليم کاتي سان گڏجي مانيٽرنگ ڪميٽيز جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اُهي ڪميٽيز روزانو بُنيادن تي اسڪولن جو معائنو ڪنديون ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي مانيٽرنگ ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو