تعلقي اسپتال ۾ مليريا بخار سبب عورت سميت وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، صحت کاتو ناڪام

تعلقي اسپتال ۾ مليريا بخار سبب عورت سميت وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، صحت کاتو ناڪام

مانجهند )ن س)مانجهند تعلقي اسپتال ۾ مليريا بخار سبب عورت سميت وڌيڪ 2 ڄڻا فوت برساتن کان پوء ث انگ 25 ٿي ويو گيسٽرو جا سوين مريض داخل سهولتن جي کوٽ صحت کاتو مڪمل ناڪام تفصيل موجب مانجهند تعلقي ۾َ مليريا بخار سبب موت جو سلسلو رڪجي نه سگهيو 10 ورهين جي چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪومل جوکيو ڌي وسيم جوکيو ۽ علائقي جي روحاني شخصيت سيد غلام مصطفي شاه جي ڀيڻ وفات ڪري وئي جنهن سان ڳوٺ فتح محمد شاه جي مليريا وگهي فوت ٿيلن انگ 3 جڏھن ت تعلقي ۾ مليريا ۽ گيسٽرو وگهي فوتين جو انگ وڌي 25 ٿي ويو هوڏانهن مانجهند تعلقي اسپتال ۾ معصوم ٻارڙن سميت مليريا بخار ۽ گيسٽرو جا سوين مريض داخل ٿيڻ سبب ڪيترن کي وارڊ کان ٻاهر ليٽايو ويو جڏھن ت جنريٽر ۾ تيل ختم ٿيڻ سبب بند ٿي ويو جنهن سبب مريضن کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ مليريا بخار جي ٽيسٽ اسٽڪ ختم ٿيڻ سبب مريضن کي حيدرآباد وڃڻ جو مشورو ڏنو اصلي دوائن بدران لوڪل ڪمپنين جي دوائون ڏئڻ سبب مريضن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ لڳو هوڏانهن ڊي جي آفيس جي اسسٽنٽ اسپتال جو دورو ڪري 8 ملازمن کي غير حاضر ڪري ڇڏيو هوڏانهن اسپتال انتظاميا موقف ڏيندي چيو ت ٽيسٽون نه هئڻ سبب مليريا بخار ۾ بنا تصديق جي فوتگين جون خبرون هلايو پيون وڃن موت جا ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي واپرائڻ سبب بيماريون وڌي ويون آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو