تعلقا موومينٽ جي سڏ تي 142هين هفتي به احتجاج جاري

تعلقا موومينٽ جي سڏ تي 142هين هفتي به احتجاج جاري

باڊهه (ن سنڌيار) باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو، شهرين به همت نه هاري. باڊهه تعلقا موومينٽ جي سڏ تي 142هين هفتي به باڊهه تعلقا موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن جسقپ اڳواڻ دودو ديشي، ڪامريڊ اصغر نوناري، عزيز بروهي، عنايت ڦلپوٽو، علي انور عسڪري، وحيد ڪانڌڙو، جمال خاصخيلي، احمد خان زهري، سينيئر صحافي نظام ڪولاچي، نبي رضا بلوچ، واحد سنڌي، محمد امين سيال، محمد هاشم مدني سومرو، افضل سانڀل، مور سنڌي، لياقت چنه، فدا حسين شيخ، سرائي سوڍل، فقير جلال ساريو سميت معصوم نينگرن مظفر کوکر، ميثم عباس گوپانگ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته شهري چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت کان پنهنجو حساب گهرن. هنن چيو ته باڊهه شهر لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جنهن جي آبادي ڏيڍ لک تائين آهي، جيڪو آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تعلقي جو حقدار آهي تنهن هوندي به علاقي جي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت اکين تي پٽي ٻڌي شهر کي نظر انداز ڪيو آهي باڊهه شهر جي چوٿين حصي کان به ننڍا شهر تعلقا لڳا پيا آهن پر سياسي مفادن خاطر باڊهه شهر کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالن جي دورِ حڪومت ۾ باڊهه شهر ۾ هڪ به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي. باڊهه شهر کي تعليم صحت، بائي پاس، پبلڪ پارڪ، ڪار اسٽينڊ، ڪميونٽي هال، پبلڪ لائبريري سميت بين ڪيترن ئي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، شهر جا روڊ رستا اکڙي چڪا آهن، لوڊر گاڏين جي گذرڻ سبب هڪ طرف جتي ٽريفڪ جو نظام درهم برهم رهي ٿو ته اتي روڊ تان پٿر پڻ اڏامي شهرين کي لڳن ٿا جنهن سبب ڪيترائي شهري شديد زخمي ٿي پيا آهن. وڌيڪ هنن چيو ته علاقي جي چونڊيل نمائندن کان وٺي پيپلز پارٽي جي هر ننڍي وڏي عهديدار تائين باڊهه تعلقي جو پرپوزل پهچايو آهي ان کان علاوه سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جي پريس ڪلبن تي پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي تنهن هوندي به باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه ملڻ سراسر ناانصافي آهي جنهن جي اسان باڊهه واسي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته رمضان شريف جو بابرڪت مهينو هجي، سرديون گرميون يا بارشون هجن سوين شهرين هر هفتي روڊن تي بيهي باڊهه تعلقي جي گهر ڪئي آهي، ايڏي وڏي جدوجهد جي باوجود به پيپلز پارٽي جي نمائندن جي ڪنن تي جوون به نه سري آهي. هنن چيو ته هر ڀيري جيان باڊهه تعلقو بڻائڻ وارو لالي پاپ ڏئي شهرين کان ووٽ وٺڻ وارو حربو هن ڀيري هلڻ نه ڏينداسين، بلدياتي اليڪشن کان پهريان جيڪڏھن باڊهه کي تعلقو نه بڻايو ويو ته سموري باڊهه شهر ۾ ورڪ ڪري پيپلز پارٽي جي مخالفت ڪئي ويندي ۽ هن ڀيري شهري پنهنجو ووٽ ان پارٽي کي ڏينداجيڪا بلدياتي اليڪشن کان پهريان باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن آڻيندي. آخر ۾ هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪندي چيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي پنهنجي ڪيل واعدن کي پاڙيو وڃي ۽ لکين شهرين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن چيو ته جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويندو تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو