ترڪي اسرائيل سان سڀئي واپاري لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا

ترڪي اسرائيل سان سڀئي واپاري لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا

انقره(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي پرڏيهي وزير هاکان فيدان چيو آهي ته ترڪي اسرائيل سان سڀئي واپاري لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن.ترڪ پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي، هاکان فيدان چيو ته ترڪ جهازن کي اسرائيلي بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ ۽ اسرائيلي بحري جهازن کي ترڪي بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.هاکان فيدان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي جهازن کي ترڪي جي هوائي حدون استعمال ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ترڪ قوم فلسطينين جي درد ۽ تڪليف کي محسوس ڪري ٿي ۽ ترڪي فلسطينين کي انهن جي زمينن تان ڪڍڻ جي ڪنهن به منصوبي کي رد ڪري ٿو، ڀلي اهو منصوبو ڪير به پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو