ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري

ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينه ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب صوبائي ڪابينه جي اجلاس ۾ ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.ڪابينه جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ترڪيه جي عوام سنڌ جي ٻوڏ متاثرين لاءِ تڪڙي امداد ڏني هئي. اسان ترڪيه جي عوام کي هن مشڪل وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون.اجلاس ۾ ڪابينه صحت کاتي جي نان پروموشنل پوسٽ جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو. ترجمان موجب اهو ٽائيم اسڪيل 5.12.19 ۽ 27 سالن جي سٺي سروس تي ڏنو ويندو. مذڪوره ٽائيم اسڪيل گريڊ بي ايس هڪ کان 15 جي ملازمن کي ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو