ترين گروپ جو ايم پي اي گرفتار، ضمانت باوجود جيل حوالي

لاھور (ويب ڊيسڪ) پوليس پي ٽي آءِ ايم پي اي ۽ جهانگير ترين گروپ جي ميمبر نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، ميڊيا رپورٽ موجب پوليس لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ايل ڊي اي ڪمپليڪس کان نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪيو آهي، نذير چوهاڻ ايل ڊي اي ڪمپليس ۾ ڊي جي ايل ڊي اي سان ملاقات لاءِ آيو ته پوليس هن جو فون لوڪيشن ذريعي ٽريس ڪري کيس گرفتار ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نذير چوهاڻ کي جاچ لاءِ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم آفيس منتقل ڪيو ويندو، نذير چوهاڻ هڪ نجي پروگرام ۾ وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر خلاف گٿا لفظ ڳالهايا هئا ۽ اها ڪلپ وائرل ٿي هئي. نذير چوهاڻ چيو هو ته اهو سندس آواز ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي نذير چوهاڻ چيو ته شهزاد اڪبر پنهنجو پاور استعمال ڪيو آهي، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته نذير چوهاڻ جي گرفتاري بعد ترين گروپ جي ميمبرز وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ هنن چيو ته صورتحال واضح ٿيڻ تي موقف ڏنو ويندو. بعد ۾ کيس هڪ لک روپين جي ضمانت منظور ڪئي وئي پر عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب مچلڪا جمع نه ٿي سگهيا پوليس کيس ڪوٽ لکپت جيل موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو