اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته جهانگير ترين کي خبر آهي ته وزيراعظم احتساب واري معاملي تي ڪابه لچڪ نٿو ڏيکاري سگهي ۽ احتساب جو عمل ڪنهن جي لاءِ به تبديل نه ڪندو.اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم معيشت تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. حفيظ شيخ معيشت ۾ سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻ شوڪت ترين مهانگائي گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو. اسان جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. معاشي حالتن ۾ بهتري اچي رهي آهي. عمران خان سڄي زندگي سخت کان سخت فيصلا ڪيا آهن. کيس مهانگائي جي سڀني کان وڌيڪ فڪر آهي.سنڌ جي گورنر چيو ته عمران خان انٽرنيشنل اڳواڻ جي طور تي اڀريو آهي. ايندڙ وقت پاڪستان ۽ قوم جي لاءِ بهتر ٿيڻ وارو آهي. پاڪستان کي خوشحالي جي طرف کڻي وڃڻ تي اپوزيشن گهبرايل آهي. اپوزيشن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي ته هو مهانگائي تي ڳالهيون ڪندا آهن.عمران اسماعيل چيو ته جهانگير ترين وزيراعظم عمران خان جي ويجهن ساٿين ۾ رهيو آهي. عمران خان هن سان خراب سلوڪ نٿو ڪري سگهي ۽ جهانگير ترين به پارٽي لاءِ ڪوبه غلط ڪم نه ڪندو. وزيراعظم کي يقين آهي ته جهانگير ترين الزامن کي منهن ڏيندو. جاچ مڪمل ٿيڻ تي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ٿيندي.سنڌ جي گورنر چيو ته جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ هو ان مان مطمئن آهي. دعا آهي ته جهانگير ترين تي لڳل الزام غلط ثابت ٿين. جهانگير ترين کي به خبر آهي ته وزيراعظم احتساب تي لچڪ نٿو ڏيکاري سگهي ۽ احتساب جو عمل ڪنهن جي لاءِ به تبديل نه ڪنداسين.










